رانديون

ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان نئين جرسي متعارف ڪرائي ڇڏي

پي سي بي ورلڊ ڪپ 2023ع لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي نئين جرسي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ پي بي سي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ورلڊ ڪپ جي نئين جرسي جو مهورت ڪيو آهي. پي سي بي موجب پاڪستان جي هيروز ۽ پرجوش سپورٽرز جي تعلق کي نئين جرسي ۾ نمايان ڪيو ويو آهي. جرسي جي مهورت واري تقريب ۾ ڳالهائيندي پي سي بي جي ڊائريڪٽر ڪمرشل عثمان وحيد جو چوڻ هو تھ جرسي جو هر اسٽار مداحن ۽ هيروز جي تعلق جون روايتون ظاهر ڪري ٿو، هي اسان جي ڪرڪيٽ جي شاندار روايتن جي ترجمان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button