رانديون

بنگلاديش پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ 253 رنسون ٺاهي ورتيون

بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد ڪالهه پهرين ڏينهن پهرين اننگ ۾ بنگلاديش جي ٽيم 253 رنسون ٺاهيون آهن ۽ سندس 4 بيٽسمين آئوٽ ٿي ويا آهن. چٽاگانگ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن بنگلاديشي ٽيم شروعات ۾ 4 وڪيٽون وڃائي ويٺي، جن ۾ اوپنر شادمان اسلام، نجم الحسن ۽ سيف حسن 14، 14، 14، ڪپتان مومن الحق 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ مشفيق الرحيم 82 رنسن ۽ لٽن داس 113 رنسن جي شاندار اننگ کيڏندي ٽيم کي مضبوط سهارو ڏنو، جيڪي راند ختم ٿيڻ تائين پچ تي موجود رهيا. هوڏانهن پاڪستان جي ڪرڪيٽر عبداللھ شفيق بنگلاديش خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ ڊيبو ڪيو آهي. بالرن مان شاهين شاهه آفريدي، حسن علي، فهيم اشرف ۽ ساجد خان هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button