رانديون

ڪرونا پکڙجڻ جو خدشو، ويمن ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچون ختم

ڏکڻ آفريقا سميت آفريقي خطي ۾ ڪرونا جي نئين قسم جي پکڙجڻ جي خدشي سبب زمبابوي ۾ جاري ويمن ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچون ختم ڪيون ويون آهن. ميڊيا مطابق آئي سي سي آفريقا ۾ ڪرونا جي نئين خطرناڪ قسم جي پکڙجڻ بعد ايونٽ ختم ڪيو آهي. ان کان اڳ صحت جي عالمي اداري ڪرونا جي نئين آفريقي قسم جي پکڙجڻ جي وارننگ جاري ڪئي هئي، جنهن بعد اهڙو فيصلو سامهون آيو آهي. آئي سي سي جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ پاڪستان، بنگلاديش، ويسٽ انڊيز هاڻ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. جڏهن تھ ٽيمن کي زمبابوي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيون پيا، پر سفري پابنديون ان ۾ رڪاوٽ آهن، پر اسين بندوبست ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. ياد رهي تھ پاڪستان سميت 9 ٽيمون زمبابوي ۾ ڦاٿل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button