مفت اٽي جي ورڇ ۾ شهرين کي تڪليف پيش نه اچڻ گهرجي: وزيراعظم جي هدايت

وزيراعظم شهباز شريف لاهور ۽ قصور ۾ مفت اٽي جي ورڇ جي مختلف جاين جو اوچتو دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي ورڇ دوران ڪنهن به شهري کي تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف عورتن ۽ مرد شهرين کان مفت اٽي جي فراهمي ۾ پيش ايندڙ ڏکياين بابت پڇيو. وزيراعظم اٽي جي معيار ۽ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ مشڪلاتن بابت پڻ شهرين جي راءِ معلوم ڪئي. وزيراعظم شهرين جي راءِ جي روشني ۾ عملدارن کي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم شهرين لاءِ انتظارگاهه جو پڻ دورو ڪيو ۽ انتظام ڏٺا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ڪنهن به شهري کي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي، بزرگ، معذور ۽ ڪمزور ماڻهن جو خاص خيال رکيو وڃي، بزرگ عورتن ۽ ٻارن سان گڏ ايندڙ عورتن جي لاءِ پڻ بهترين انتظام يقيني بڻايا وڃن، ڪا به غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ان خير جي ڪم کي سرڪاري ڊيوٽي نه خدائي ڊيوٽي سمجهي سرانجام ڏيو، رمضان المبارڪ ۾ خدا جي مخلوق جي خدمت ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪريو. وزيراعظم مفت اٽي سينٽر ۾ آيل ٻارن سان پڻ مليو، ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم شهرين ۾ مفت اٽي جا ٿيلها پڻ ورهايا. وزيراعظم فوڊ سيڪريٽري، چيف سيڪريٽري پنجاب، ڊپٽي ڪمشنرز کي بهتر انتظامن تي شاباس ڏني ۽ وزيراعظم انتظاميا ۽ عملي جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button