پاڪستانعالمي

ڀارتي پارليامينٽ راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، رڪنيت به منسوخ

ڀارتي پارليامينٽ بدناموسي واري ڪيس ۾ 2 سال قيد جي سزا ٻڌايل ڪانگريس اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر راهول گانڌي کي نااهل قرار ڏئي سندس رڪنيت به منسوخ ڪري ڇڏي آهي. ڀارتي پارليامينٽ جي هيٺئين ايوان لوڪ سڀا جي سيڪريٽريٽ راهول گانڌي جي نااهلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، واضح رهي ته راهول گانڌي ڀارتي رياست ڪيرالا مان لوڪ سڀا (ننڍي ايوان) جو ميمبر چونڊيو هو، راهول گانڌي خلاف ڪيس بي جي پي سان تعلق رکندڙ ايم ايل اي ۽ اڳوڻي وزير پرنيش مودي داخل ڪيو هو، جنهن ۾ راهول گانڌي تي الزام هو ته هن مودي ذات وارن ماڻهن کي چور چئي مخاطب ڪيو آهي. راهول 2019 ۾ لوڪ سڀا جي چونڊ مهم دوران هڪ ريلي ۾ اهو بيان ڏنو هو، گجرات جي عدالت راهول گانڌي جي 30 ڏينهن لاءِ ضمانت منظور ڪئي هئي، جڏهن ته راهول عدالتي فيصلو چئلينج ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button