اسلام آبادپاڪستان

بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به مفت اٽو جلد ورهايو ويندو:مريم اورنگزيب

اسلام آباد : سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هڪ شخص ملڪ ۾ ڏچو ۽ افراتفري چاهي ٿو. عمران خان آئي ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ڪري ملڪ ۽ قوم کي نقصان ڏنو. وزيراعظم طرفان رمضان شريف ۾ مفت اٽو فراهم ڪرڻ تاريخي قدم آهي. وزيراعظم جي هدايت تي ضرورتمند غريبن کي مفت اٽو ڏنو پيو وڃي، 42 لک ماڻهن کي مفت اٽي جا ٿيلها ورهايا ويا آهن. بلوچستان ۽ سنڌ ۾ به مفت اٽو جلد ورهايو ويندو. عوام کي سستو پيٽرول به جلد فراهم ڪيو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته معاشي مسئلن جي هوندي عوام جي خدمت لاءِ ڪوشان آهيون. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عوام کي سهولتون ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري ٿو. بي آئي ايس پي ڊيٽا کي استعمال ڪندي اٽي جي مفت فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته مفت اٽي جي ورڇ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button