اسلام آبادپاڪستانپنجابخيبرپختونخوا

پنجاب ۽ پختونخوا ۾ وقت تي چونڊون ڪرايون وڃن:صدر جو وزيراعظم کي خط

اسلام آباد ؛ صدر عارف علوي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ مقرر وقت تي چونڊن لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکي ڇڏيو. صدر عارف علوي طرفان وزيراعظم شهباز شريف نالي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل اختيارين کي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ مقرر وقت تي چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي مدد جي هدايت ڪئي وڃي. صدر خط ۾ لکيو آهي ته وزيراعظم توهين عدالت سميت ٻين ڏکيائين کان بچڻ لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪري. خط ۾ صدر اهو به چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، تنهن ڪري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي انساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته 2021 جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن کان 145 هين نمبر تي هو، هن سال جي قدمن سان پاڪستان جو درجو اڃا گهٽجندو. صدر خط لکندي وڌيڪ چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل عملدارن کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ مقرر وقت ۾ عام چونڊن جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جي معاونت جي هدايت ڪري، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي سمورن لاڳاپيل انتظامي عملدارن کي انساني حقن جي پائمالي کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ چيو ته ويجهي ماضي ۾ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا بنيادي ۽ انساني حقن جي واضح خلاف ورزين جي واقعن کي اجاگر ڪيو، اهڙن واقعن جي تدارڪ ۽ اصلاح جي لاءِ انهن کي وزيراعظم جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي ضرورت هئي. آرٽيڪل 105 يا 112 تحت صوبائي اسيمبلين جي تحليل تي آرٽيڪل 224 (2) تحت 90 ڏينهن جي اندر چونڊون ڪرائڻ ضروري آهي. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي صدر کي 90 ڏينهن جي اندر چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ تاريخ (تاريخون) تجويز ڪرڻ جو حڪم ڏنو، خيبرپختونخوا جي گورنر کي به صوبائي اسيمبلي جي لاءِ ٽائيم فريم موجب عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، لڳي ٿو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ وفاقي ۽ نگران حڪومتن لاڳاپيل ادارن جي سربراهن کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ ضروري تعاون فراهم ڪرڻ کان معذوري ظاهر ڪرڻ جو چيو، آئين تحت وفاقي ۽ صوبائي ايگزيڪيوٽو اٿارٽيز جو فرض آهي ته اهي ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن کي انهن جا فرض سرانجام ڏيڻ ۾ مدد ڪن. صدر پنهنجي خط ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن 30 اپريل تي پنجاب ۾ عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي پنهنجي اعلان تي عمل نه ڪيو، سپريم ڪورٽ جي حڪم جي کليل خلاف ورزي ڪئي، اي سي پي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي صوبائي اسيمبلين جي عام چونڊن جي انعقاد جي لاءِ 8 آڪٽوبر تاريخ جو اعلان ڪيو. صدر خط ۾ وزيراعظم جو ڌيان انساني حقن جي خلاف ورزين طرف پڻ ڇڪرايو. خط ۾ پوليس/ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ظلمن، شهرين جي خلاف طاقت جي غيرمناسب استعمال جي سنگيني جو پڻ ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو ته سياستدانن، ڪارڪنن، صحافين ۽ ميڊيا جي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا، سياسي ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ويا، شهرين کي بنا وارنٽ ۽ قانوني جواز جي اغوا ڪيو ويو. صدر خط ۾ بنيادي حقن بابت آئين جي مختلف آرٽيڪلز جو پڻ حوالو ڏيندي چيو ته آئين جي آرٽيڪلز جي واضح طور تي خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، اهڙن واقعن سان عالمي برادري ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي صورتحال ۽ مستقبل تي منفي اثر پئجي رهيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪيو ته 2021ع جي ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 180 ملڪن مان 145 هين نمبر تي هو، 2022ع ۾ پاڪستان 12 درجا هيٺ 157 هين نمبر تي اچي ويو، هن سال جي قدمن سان ان انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي وڌيڪ هيٺ ايندي، پاڪستان ۾ تازن مهينن ۾ ميڊيا کي وڌيڪ دٻايو ويو، حڪومت جي خلاف اختلاف، تنقيد دٻائڻ جي لاءِ صحافين کي بغاوت ۽ دهشتگردي جي الزامن جو نشانو بڻايو ويو. خط ۾ صدر چيو آهي ته وزيراعظم حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناطي آئين ۾ ڏنل پاڪستان جي هر شهري جي انساني ۽ بنيادي حقن جي تحفظ جو ذميوار آهي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي حقن جي خلاف ورزي کان پري رهن، اليڪشن ڪميشن کي معاونت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button