اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

مهانگائي 46 ڏهائي 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي،26 شيون مهانگيون

اسلام آباد :ڀلاري مهيني رمضان جي اچڻ سان گڏ ئي مهانگائي جي شرح ۾ اضافو ٿي ويو. هڪ هفتي ۾ شرح 1 ڏهائي 80 سيڪڙو واڌ سان مجموعي طور تي رڪارڊ 46 ڏهائي 65 سيڪڙو تائين پهچي وئي. هڪ هفتي ۾ 26 شين جون قيمتون وڌيون. ڳڻپ واري اداري هفتيوار مهانگائي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب رمضان جو مهينو ايندي ئي 26 شين جي قيمتن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. اٽي جو ٿيلهو، ٽماٽا، پٽاٽا، دال کنڊ ۽ گيهه جي اگهن ۾ اضافو ٿيو. تازو ئي هفتي دوران ٽماٽر جي في ڪلو قيمت 58 رپين مان وڌي 100 رپيا ٿي وئي. 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1817 رپين مان وڌي 2587 رپيا ٿي ويو. پٽاٽي جي هڪ ڪلو قيمت ۾ 6 رپيا، کنڊ جي قيمت ۾ 81 پئسا اضافو ٿيو. دال ماش جي في ڪلو قيمت 415 رپين مان وڌي 421 رپين کان وڌي وئي. اڍائي ڪلو گيهه ڪارٽن، تازو کير، ڏهي، مٽن، چانور جي قيمتن ۾ به اضافو ٿيو آهي. هڪ هفتي ۾ ڪيلا 21 رپيا 57 پئسا في درجن، چانهه جي پتي جو پيڪٽ 34 رپيا 37 پئسا، ٻاڪرو گوشت 13 رپيا 78 پئسا في ڪلو مهانگو. وڏو گوشت 6 رپيا 31 پئسا اڍائي ڪلو، گيهه ڪاٽن 8 رپيا 84 پئسا مهانگو ٿيو. هڪ هفتي ۾ 12 ضروري شين جي اگهن ۾ لاٿ ٿي. چڻا 32 رپيا 85 پئسا في ڪلو، ڳاڙها مرچ پئڪيٽ 5 رپيا سستو ٿيا. ٿوم 4 رپيا 59 پئسا، دال چڻا 2 رپيا 70 پئسا في ڪلو سستي ٿي. ان کان سواءِ دال مڱ، دال مصور، آنا ۽ بصر به سستا ٿيا. جڏهن ته هڪ هفتي ۾ 13 ضروري شين جي اگهن ۾ ڪائي ڦيرڦار نه ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button