اسلام آبادپاڪستان

چين پاڪستان جي ٻه ارب ڊالر قرض جي ادائيگي ملتوي ڪري ڇڏي

اسلام آباد : چين پاڪستان لاءِ ٻه ارب ڊالرن جو سيف ڊپازٽ قرض رول اوور ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وزارت جي اختيارين چين طرفان سيف ڊپارٽ قرض رول اوور ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته چين کانپوءِ سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن طرفان به جلد فنانسنگ جي اميد آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته هلندڙ مهيني چين مان وڌيڪ 30 ڪروڙ ڊالر پاڪستان اچڻ جي اميد آهي ۽ هلندڙ مهيني ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 5 ارب ڊالرن کان وڌي وڃڻ جي به اميد آهي. ذريعن موجب چين 2 ارب ڊالرن جي سيف ڊپازٽ جي واپسي هڪ سال لاءِ ملتوي ڪئي آهي. سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن طرفان به فنانسنگ جي اميد آهي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف سان معاهدي لاءِ ٻاهرين فنانسنگ جي تصديق ضروري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button