پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ مهانگائي، روزيدار خريداري لا پريشان، اي سي جو دورو

عثمان شاهه هڙي: رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ عثمان شاهه هڙي سميت تعلقي جهنڊومري جي مک شهرن ۽ ڳوٺن پيارولنڊ، اولڊ ميرآباد، بهادر موري، ميل موري، سومار ڪوٽ ۽ قيصر سنهڙو ۾ مهانگائي عروج تي پهچي وئي، جنهن سبب پورهيت طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به سخت پريشان ٿي ويو آهي. عثمان شاهه هڙي شهر ۾ ڀاڄين، ميون ۽ عام واهپي جي شين جي دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگهه مقرر ڪري وصول ڪرڻ لڳا آهن. ڀيڊيون 200 رپيا ڪلو، ٽماٽو 80 رپيا ڪلو، توريون 200 رپيا ڪلو، ميها 200 رپيا ڪلو، پٽاٽا 60 رپيا ڪلو، ساوا مرچ 200 رپيا ڪلو، واڱڻ 100 رپيا ڪلو، ڪدو 100 رپيا ڪلو، بصر 150 رپيا ڪلو ۽ گوبي 130 رپيا ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي. صوف 450 رپيا ڪلو، ڪيلا 200 رپيا درجن، نارنگي 200 رپيا، چڪون 300 رپيا، تربوز 150 رپيا، گدرو 120 رپيا ۽ کجور 600 رپيا ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. اٽو 150 رپيا، کنڊ 100 رپيا ڪلو، مرغي 620، دال مڱ 250 رپيا ڪلو ۽ گيھه 450 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي. جڏھن ته دڪاندارن وٽ مارڪيٽ ڪميٽي ٽنڊوالهيار پاران جاري ٿيل ريٽ لسٽون آويزا ٿيل نه آهن، جنهن ڪري دڪاندار پنهنجي مرضي جا اگهه وصول ڪري رهيا آهن. رمضان ۾ ھوٽلن اندر چانھه ھلندڙ آھي، پر انتظاميا ۽ پوليس دڪاندارن، منافعي خورن ۽ هوٽل مالڪن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. ساڃاهه وند ڌرين ۽ پورهيتن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري پورهيت ماڻهن کي رليف فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف اي سي جھنڊو مري شھزاد عمير جروار شھر عثمان شاھه ھڙي جو دورو ڪري کاڌي پيتي جي شين جا اگهه معلوم ڪيا ۽ دڪاندارن ۽ واپارين کي سختي سان ھدايت ڪئي ته ھو روزيدارن جو احترام ڪري مارڪيٽ ڪميٽي جي ريٽ لسٽ تي شيون وڪرو ڪن، وڌيڪَ اگهھ وٺندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button