پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ پگهارن لا آر او پلانٽ آپريٽرن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ آر او پلانٽن جي آپريٽرن خانگي ڪمپني ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي ناجائزين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ملازمن علي راهمون، ولي مڱريو، محمد خان، اقبال، پريم ميگھواڙ، مبارڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ملازمن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، پگهار نٿي ملي، ورهين کان احتجاج ڪريون پيا، جيڪڏهن پگهار ملي ٿي ته 12 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا، جيڪو ظلم آهي. ٿر ۾ آر او پلانٽ هلائيندڙ خانگي ڪمپني اوسلو جا ٺيڪيدار اسان جي پگهار ۾ به ڪرپشن ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته خراب آر او پلانٽ ڳوٺاڻا چندو ڪري مرمت ڪرائي هلائين ٿا، اڪثر آر او پلانٽ خراب آهن، جنهن سبب پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران پيدا ٿي ويو آهي، اوسلو ڪمپني جي ٿر ۾ آفيس به ناهي جو اسان شڪايت ڪري سگهون، سخت احتجاج ۽ دانهن ڪرڻ بعد ڪجهه ملازمن کي 12 هزار رپيا پگهار ڏني وئي آهي، اڪثر ملازم پگهارن کان محروم آهن، احتجاج ڪرڻ تي ٺيڪيدار نوڪرين مان برطرف ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو. ملازمن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button