پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ همراهه جي فائرنگ ۾ اڳوڻي زال ۽ سندس ڀا قتل

ڪراچي: ڪراچي جي پٽيل پاڙا ۾ زمين جي تڪرار تان ھڪ شخص گھر ۾ گھڙي فائرنگ ڪري پنھنجي اڳوڻي گھرواري ۽ سندس ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آھي، جڏھن تھ مقتول عورت جو ٻيو ڀاءُ زخمي پڻ ٿي پيو، پوليس موجب ڪراچي جي پٽيل پاڙا ۾ فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عورت ۽ مرد فوت ٿي ويا. پوليس عملدارن جو چوڻ آھي تھ مارجي ويلن ۾ زيب النساءِ ۽ ھارون شامل آھن، جڏھن تھ انور نالي شخص زخمي آھي، پوليس جو چوڻ آھي تھ فائرنگ سبب مارجي ويل ڀاءُ ۽ ڀيڻ آھن، مقتولن جو ھڪ ڀاءُ زخمي آھي، جيڪو اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تھ فائرنگ مقتول عورت جي اڳوڻي مڙس بخت بلند ۽ ان جي ڀاءُ يوسف رحمان ڪئي، جوابدار بخت بلند ڏيڍ سال اڳ ٻي شادي ڪئي ھئي ۽ ٻي شادي تي مقتولا عدالت سان ٻارن جي ڪسٽڊي حاصل ڪئي ھئي. پوليس عملدارن ٻڌايو تھ مقتولا عورت ٻارن کي وٺي پنھنجي ڀائرن جي گھر وئي ھئي، جڏھن تھ بخت بلند بھ ڪجھه ڏينھن کان ڪراچي آيل ھو ۽ مائٽن وٽ رھيل ھو، ڪالهه صبح جوابدار بخت بلند ۽ ان جي ڀاءُ يوسف رحمان گھر ۾ گھڙي فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس جو چوڻ آھي تھ واقعي واري ھنڌ وٽان 4 گولين جا خول ۽ ھڪ 9 ايم ايم پسٽل مليو آھي، واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button