پاڪستانسنڌ

ڀيڻ قتل ڪرڻ تي مجبور ڪيو: عرفان مهر جي قاتل جو بيان

ڪراچي: ڪراچي جي عدالت ۾ ڪالهه سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل ڪيس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران سي ٽي ڊي اهلڪارن ٻن گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو. جوابدارن ۾ غلام اڪبر ۽ واجد حسين شامل آهن. پوليس جوابدارن کان شروعاتي جاچ جي رپورٽ عدالت ۾ پڻ پيش ڪئي. جوابدار اڪبر جو بيان هو ته ڀيڻ صاحبزادي قتل ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جوابدار پوليس کي ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ موٽرسائيڪل دوست عابد حسين وٽ رکي هئي، قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار جوابدار ذوالفقار وٽ آهي.

هوڏانهن پوليس ذوالفقار کي قتل جي سازش ۾ ملوث جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. پوليس جوابدارن جي سي آر او ۽ مفرور جوابدار جي گرفتاري لاءِ 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي. عدالت ٻنهي جوابدارن کي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي حوالي ڪندي، جوابدارن کي 23 ڊسمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button