پاڪستانسنڌ

وڏي وزير سنڌ ۾ پوليو مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سياسي عزم ۽ گڏيل ڪوششن ۽ اُپائن سبب خاص ڪري صوبي جي هاءِ رسڪ يونين ڪائونسلن ۾ جولاءِ 2020ع کان وٺي پوليو جو ڪوبه نئون ڪيس رپورٽ نه ٿيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه سوڀراج اسپتال ۾ صوبي اندر پوليو جي ستن ڏينهن واري مهم جي افتتاح واري موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري قاسم سراج سومرو، صحت وارو سيڪريٽري ذوالفقار شاهه، ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ۽ اي او سي جا عملدار پڻ موجود هئا.

پوليو ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اي او سي) پاران 13 کان 19 ڊسمبر تائين سڄي صوبي ۾ پوليو مهم شروع ڪئي وئي آهي جنهن کي قومي اميونائزيشن ڏهاڙي طور سڄي صوبي ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي 9 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اها مهم صوبي جي سڀني 30 ضلعن ۾ هلائي ويندي ۽ 90 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا ويندا جن مان 2 لک کان وڌيڪ ڪراچي ۾ رهن ٿا. مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا سبب مارچ کان جولاءِ 2020 تائين پوليو خلاف مهم سميت معمول موجب بچاءُ جا ٽيڪا نه پياريا ويا هئا تنهنڪري ٻارن جي قوت مدافعتي نظام ۾ خال پيدا ٿي ويو آهي.

هن چيو ته آگسٽ 2020ع کان هلندڙ مهيني پوليو مهم ذريعي ان خال کي پورو ڪيو پيو وڃي ۽ اسان 2021ع ۾ وائرس جي پکيڙ تي ضابطو آندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن مهمن سبب جولاءِ 2020ع کان وٺي سنڌ ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس سامهون نه آيو آهي ۽ ماحولياتي نمونا به ناڪاري اچي رهيا آهن جيڪا گهڻو حوصلي واري ڳالهه آهي. هن چيو ته پوليو جو ڪوبه علاج ناهي پر ان کي ويڪسينيشن ذريعي آساني سان روڪي سگهجي ٿو ۽ صحت کاتو پوليو جي خاتمي لاءِ گهر گهر ورڪرن کي موڪلي رهيو آهي. هن انڪشاف ڪيو ته هن ڀيري پوليو مهم ۾ چونڊيل ضلعن ڪراچي، سانگهڙ، حيدرآباد، خيرپور جي 7 ضلعن خيرپور ۾ پڻ پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button