پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ او ميڪرون ڪيس جي تصديق، علائقي ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون

ڪراچي: آغا خان يونيورسٽي اسپتال تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ هڪ عورت ۾ ڪرونا وائرس جي نئين ويريئينٽ “اوميڪرون” جي سڃاڻپ ٿي آهي. پنهنجي بيان ۾ اسپتال انتظاميا چيو آهي ته عورت گهر ۾ آئيسوليٽ آهي ۽ ان جي صحت بهتر ٿي رهي آهي. جڏهن ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر به اوميڪرون ويريئينٽ جي تصديق ڪندي چيو ته صحت جي قومي اداري تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي سان واسطو رکندڙ عورت جو شڪي نمونو اوميڪرون ويريئينٽ جو آهي.

اين سي او سي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته اهو پهريون تصديق ٿيل ڪيس آهي پر رجحانن جي نشاندهي لاءِ سڃاڻپ ٿيل نمونن جي مسلسل نگراني ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي وڏو قدم کڻندي متاثر عورت جي رهائشي علائقي ۾ مائڪرو لاڪ ڊائون هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مائڪرو لاڪ ڊائون جي حوالي سان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر اوڀر، ڊپٽي ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي. فيصلي تحت مائڪرو لاڪ ڊائون رحيم يار اپارٽمينٽ ۽ سولجر بازار جي ڀرپاسي لڳايو ويندو.

ٻئي طرف متاثر عورت سان ملندڙ 51 ڄڻن جا سيمپل ڊائو يونيورسٽي موڪليا ويا آهن ۽ نجي اسپتال اختيارين جو چوڻ آهي ته هن وقت اوميڪرون ويريئينٽ جو وڌيڪ ڪو شڪي سيپمل موجود ناهي. واضح رهي ته 8 ڊسمبر تي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي خطرناڪ ويرينٽ اوميڪرون جي پهرئين شڪي ڪيس جي سڃاڻپ ڪراچي ۾ ٿي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button