سنڌ

ميهڙ واسڻ گم ٿيل پٽ جي ڳولا لا ڄامشوري پهچي وئي

ميھڙ واسي عورت پٽ جي ڳولا ۾ ڄامشورو پھچي وئي، ذڪيا زال اعجاز خاصخيلي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پھچي دانھيندي صحافين اڳيان روئيندي چيو ته گذريل 5 ڏينھن کان منھنجو پٽ سمير پراسرار نموني گم آھي. ھن چيو ته 5 ڏينھن اڳ پٽ سمير پنھنجي دوستن سان گڏ ميھڙ کان ڄامشورو لا نڪتو، سمير جا دوست قاسم کوسو ۽ آفتاب کوسو به ان ڏينھن کان گم آھن. ھن چيو ته پٽ منھنجو مزدوري ڪري ڪمائيندو آهي، پٽ ڄاڻايل ماڻھن جي بري صحبت ۾ ڦاٿو آھي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button