سنڌ

ڪراچي جي چئن واپارين کان ڪڪڙ ويجهو 25 لک ڦر

ڪڪڙ ويجهو دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مين روڊ انڊس هاءِ وي تان ڪراچي جي واپارين فيضان قريشي، سلمان قريشي سميت 4 ڄڻن کان هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڪار ڦر ڪري ڪاهي وڃي رهيا هئا ته واپارين ڪار ۾ لڳل ٽريڪر وارن کي اطلاع ڏنو، جن ڪار بند ڪري ڇڏي ته هٿياربند ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ايم اين وي ڊرين (ڇنڊڻ) ڀرسان سيد صالح شاهه جي قبرستان لڳ ڪار ڇڏي ڪار ۾ پيل واپارين جا 25 لک رپيا کڻي آساني سان فرار ٿي ويا، ڪڪڙ ۽ بي سيڪشن پوليس پهچي ڪار تحويل ۾ وٺي ڇڏي. واپاري فيضان قريشي ۽ سلمان قريشي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي واسي ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي چوپايو مال وٺڻ نصيرآباد منڊي وڃي رهيا هئا ته هٿياربند کين يرغمال ڪري 25 لک ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا. آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو، نه ئي ڪو جوابدار گرفتار ٿي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button