پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ ثقافتي تقريب، شاگردياڻين پاران ٽيبلوز پيش

مسڻ وڏي: سنڌ ۽ سنڌي ثقافت دنيا جي قائم ٿيڻ سان ئي آهن، هي ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نئين اڀرندڙ نسل کي اسان جي ثقافت ۽ تهذيب بابت خبر پوي ته سنڌ جي سدا بهار ثقافت ٽوپي، اجرڪ ۽ گج رلي سميت ٻين ثقافتي شين سان اسان کي دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. اھڙن خيالن جو اظهار ڪريمي فائونڊيشن مسڻ وڏي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالرحمان لغاري ڪريمي فائونڊيشن جي مولوي عبدالڪريم لغاري اسڪول ۾ رٿيل ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪريمي فائونڊيشن محدود وسائل هئڻ باوجود تعليمي عمل جاري رکڻ سان گڏ هن علائقي جي ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. تقريب کي مولوي عبدالڪريم لغاري اسڪول جي پرنسپال گل محمد لغاري چيو ته سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت قديم زماني کان وٺي اڄ تائين قائم آهي، سنڌ کي ورهائڻ جي سوچ رکندڙن کي اهو سمجهڻ کپي ته اسان سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ان موقعي تي شاگرد شوڪت لغاري، لڇ سوٽهڙ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. جڏهن ته شاگردياڻين حوا لغاري گروپ ۽ ٻين ثقافت جي حوالي سان مختلف ٽيبلوز پيش ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button