پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص بار جي چونڊ، يونائيٽڊ انڊپينڊنٽ جا اميدوار ڊگهڙي پهتا

ڊگھڙي: ميرپورخاص بار ڪائونسل جي اليڪشن جي سلسلي ۾ ايسوسيئيشن يونائيٽڊ انڊپينڊنٽ ڊيموڪريٽڪ پينل جو صدارتي اميدوار وڪيل شوڪت علي راهمون ۽ جنرل سيڪريٽري محبوب علي ڪپري پنهنجي پينل جي اميدوارن ۽ سينيئر وڪيلن سان گڏ تعلقي بار ايسوسيئيشن ڊگهڙي پهتا، جتي وڪيلن جي ڪوٺايل گڏجاڻي کي پارلياماني سيڪريٽري پ پ ايم پي اي مير طارق علي خان ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته پ پ هميشه جمهوريت تي يقين رکي ٿي، عدليه جي آزادي ۽ وڪيل برادري لا شھيد بينظير ڀٽو بيمثال ڪم ڪري ڏيکاريا. هن چيو ته عدليه کي انتظاميا کان ڌار ڪري ننڍيون ڪورٽون قائم ڪيون، اسان اميد ٿا ڪريون ته وڪيل برادري نه صرف وڪيلن پر عوامي ڀلائي لا پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي. ان موقعي تي تعلقي بار ايسوسيئيشن جي صدر وڪيل وسيم قائمخاني چيو ته ڊگهڙي ۾ ايڊيشنل ڪورٽ ۽ تعلقي بار ڪائونسل لا ڪمرو ڏنو وڃي. ضلعي بار ڪائونسل جي اڳوڻي صدر مير پرويز ٽالپر، سينيئر وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل بي ڪي ڀٽي ۽ ٻين چيو ته ميرپورخاص ۾ ها ڪورٽ بينچ قائم ٿيڻ سان عوام کي ويجهو انصاف ملي سگهندو. ان موقعي تي وڪيل عبدالغفار ناريجو، مسعود لغاري، وڪيل روپچند پارواڻي، وڪيل لياقت علي سهتو، وڪيل ايوب رمداڻ، پيپلز يوٿ آرگنائزيشن جو صدر اعظم نوحاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button