پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ ڊيلرن پاران يوريا ڀاڻ گم ڪري بليڪ تي وڪرو ڪرڻ خلاف تعلقي حسين بخش مري جي آبادگارن پريس ڪلب ميرپورخاص اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ضلعي انتظاميا ۽ زراعت کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن ٻن ڏينھن بعد ڊي سي آفيس اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ ڏنو. ان موقعي تي مظاھري کي خطاب ڪندي آبادگار اڳواڻن اڳوڻي يوسي چيئرمين غلام محمد مري، وزير مري، حاجي ايوب نھڙي، بلال پنھور ۽ ٻين چيو تھ ميرپورخاص جا ڊيلر يوريا ڀاڻ گم ڪري بليڪ تي في ٻوري تي ھزار رپيا مٿي وٺي رھيا آھن، جيڪا سراسر زيادتي آھي، ننڍن آبادگارن جو احتصال ٿي رھيو آھي. ھنن چيو تھ اسان ڊيلرن کي شڪايت ڪئي، پر ھو ٻڌڻ لا تيار نھ آھن. ضلعي عملدارن توڙي زرعي کاتي جي عملدارن کي شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو بھ تدارڪ نھ ٿيو آھي، ھن وقت ڪڻڪ جو فصل پوکيل آھي، جنھن کي وقت سر يوريا ڀاڻ نھ مليو تھ اپت تي وڏو اثر پوندو، ڊيلر انتظاميا ۽ زراعت کاتي جي انتظاميا سان ملي ڀڳت ڪري ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪري رھيا آھن، جنهن سان زراعت کي ڪاپاري ڌڪ رسندو، پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ھنن چتا ڏيندي چيو تھ ڀاڻ دستياب ڪرائي اصل قيمت تي آبادگارن کي نه ڏنو ويو ته ٻن ڏينھن بعد ھزارين ماڻھن سان گڏ ڊي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button