سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ بيواهه عورت جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي رتو ڪوٽ ويجهو ڳوٺ امير شاھه جي رهواسڻ بيواهه عورت بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. بيواهه عورت آمنا زال يار محمد مغيري مائٽن پٺاڻي خاتون، دين محمد مغيري ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته ڪجھه سال اڳ سندس مڙس يار محمد مغيري زرعي زمين هڪ جريب 16 ويسا وڪيل ڪامران احمد ڳورڙ کي وڪرو ڪري ڏني هئي، جنهن بعد سيپٽمبر 2021 تي منهنجو مڙس فوت ٿي ويو، جنهن بعد ڏير محمد بخش مغيري ۽ ان جي پٽن اياز علي، رياض علي، بختيار مغيري ۽ ٻين گهر ۾ گهڙي تشدد ڪيو. تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد پاڪ ڪتاب کڻي زخمي حالت ۾ ايس ايس پي وٽ ويس جنهن بعد ايس ايس پي جي حڪم تي ڪيس رياض، اياز، بختيار مغيري ۽ ٻين خلاف داخل ڪيو ويو، پوليس صرف ھڪ جوابدار رياض مغيري کي گرفتار جيل اماڻيو. ھن چيو ته جيڪا زمين وڪيل ڪامران احمد ڳورڙ کي وڪرو ڪري ڏني ان تي غيرقانوني طور تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ جوابدار اختيار، مختيار، بختيار مغيري ۽ ٻيا حراسان ڪندي ڪوڙا احتجاج ڪري ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري بيواهه کي انصاف ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button