اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاقي ڪابينا آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
سنڌ حڪومت جي درخواست تي وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ لائٽ ڪمانڊو بٽالين جون ٻه ڪمپنيون، ايس سي جي جي هڪ پلاٽون ۽ هڪ انفنٽري ڪمپني مقرر ڪئي ويندي. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ميچن دوران 3 آرمي هيلي ڪاپٽر فضائي نگراني ڪندا.