ٽنڊوالهيار: ٽنڊوالهيار صحت کاتي ۾ 6 مهينن جي ڪانٽريڪٽ تي عورت ويڪسينيٽرن جي 25 سيٽن لا ڊي ايڇ او آفيس ۾ واڪ ان انٽرويو ٿيا، جنهن دوران سويم عورت اميدوار پهتيون، صبح کان بيٺل عورتون سخت پريشان ٿي ويون. انتظاميا ڪنهن به قسم جا انتظام نه ڪيا. ان موقعي تي عورت اميدوارن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان صبح 8 وڳي کان بيٺل آهيون، پر اسان کان انٽرويو وٺڻ بدران فائيل وٺي روانو ڪيو ويو آهي. هنن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته ميرٽ تي انٽرويو ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close