پاڪستانپنجاب

بني گالا جي رهائشي خرچن لاءِ رپيو به ناهي ڏنو:جهانگير ترين

لاهور :جهانگير ترين ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان سان منهنجا ڀلي ڪهڙا به لاڳاپا هجن پر سچ ڳالهائڻ گهرجي. مون ڪڏهن به بني گالا جي رهائشي خرچن لاءِ هڪ رپيو به نه ڏنو آهي. جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين طرفان وزيراعظم عمران خان جي گهر جا خرچ جهانگير ترين طرفان برداشت ڪرڻ بابت بيان تي وفاقي وزيرن کانپوءِ جهانگير ترين ردعمل ڏيندي چيو ته مون نئون پاڪستان ٺاهڻ لاءِ جيتري حد تائين ٿي سگهيو، تحريڪ انصاف جي مدد ڪئي. جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ چيو هو ته جهانگير ترين، عمران خان جي گهر جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 30 لک رپيا ماهوار ڏيندو هو ۽ پوءِ اها رقم 50 لک رپين تائين وڃي پهتي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button