پاڪستانسنڌ

ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيلهار واسي شاگرد پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

مٺي/ چيلهار: چيلهار جي پرائمري استاد محمد سومار جي پٽ امتياز علي ڪنڀر ڪراچي جي يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف بزنس مئنيجمينٽ (آ او بي ايم) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي گولڊ ميڊل پنهنجي نالي ڪري ورتو. گولڊ ميڊل ماڻڻ بعد چيلهار واسي شاگرد چيو ته پهرين منهنجي مهراڻ يورنيوسٽي ۾ سليڪشن ٿي هئي، جنهن بعد مون اسڪالرشپ ذريعي اها يورنيورسٽي جوائن ڪئي، ڏينهن رات محنت ڪئي، جنهن جو مون کي مالڪ سلو ڏنو آهي، ٿر پٺتي پيل علائقو ضرور آهي، پر ٿر واسي شاگردن ۾ ٽيلنٽ جي کوٽ ناهي. امتياز علي ڪنڀر چيو ته آئون مستقبل ۾ بهترين پليٽ فارم تي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ چاهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button