پاڪستانسنڌ

شاهپورچاڪر گرلس ڪاليج ۾ اسٽاف جي سخت کوٽ

شاهپور چاڪر: شاهپورچاڪر گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج 2018ع کان شروع ٿيڻ باوجود انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. 4 سال گذرڻ باوجود ڪاليج ۾ ٽيچنگ اسٽاف ناهي مقرر ڪيو ويو. ڪاليج ۾ هن مهل فرسٽ ايئر کان بي ايس سي تائين جون 375 شاگردياڻيون علم پرائي رهيون آهن. 16 جايون خالي آهن، پر پرنسپال سميت اسٽاف جا 3 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن، ڪلاس هلائڻ لا بوائز ڊگري ڪاليج جي استادن کي گهرايو وڃي ٿو، پر پيپر هلڻ سبب بوائز ڪاليج ۾ شاگردن جي پڙهائي متاثر ٿئي ٿي، جنهن سبب رڪارڊ ٿيل ليڪچر ايل اي ڊي تي شاگردياڻين کي تعليم وٺڻي پوي ٿي. ڪاليج ۾ گهڻيون ليبارٽريون هجڻ باوجود سامان ناهي، ڪئميسٽري ۽ ٻين اهم ليبارٽرين جو ڪم ٺيڪيدار اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو آهي. شاگردياڻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪاليج سان ماٽيلي ماءُ جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، پهرين اسان کي تعليم لا شهر کان ٻئي شهر وڃڻو پوندو هو، پر هاڻ ڊگري ڪاليج ته مليو آهي، پر ڪاليج کي تعليم کاتي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، ٺيڪيدار ليبارٽرين جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي فرار ٿي ويو آهي. نياڻين هٿ ٻڌي سنڌ حڪومت ۽ تعليم جي وزير کي اپيل ڪئي ته جلد ٽيچنگ اسٽاف مقرر ڪري ليبارٽرين جو اڌ ۾ ڇڏيل ڪم مڪمل ڪرائي تعليم ڏياري وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button