سنڌڙي: گرهوڙ شريف ۾ نينگر تي چوري جو الزام هڻي تشدد ڪندڙ جوابدارن خلاف عورت پٽ سان گڏ احتجاج ڪيو. گرهوڙ شريف جي رهواسڻ بيوهه عورت پنهنجي 12 سالن جي پٽ مراد خاصخيلي سان گڏ ڦلهڏيون ٿاڻي اڳيان احتجاج ڪيو. هن چيو ته شاهد جوڻيجو، صالح مڱريو ۽ ڦيٿي ڪولهي منهنجي ٻارنهن سالن جي پٽ مراد خاصخيلي تي بي بنياد چوري جو الزام هڻي سخت تشدد ڪيو، پٽ ڪراچي ۾ مزدوري ڪندو آھي، ڄاڻايل جوابدارن معصوم پٽ کي انسانيت سوز تشدد ڪري پوليس ھٿان گرفتار ڪرايو، جتان مون پنھنجي پٽ کي آزاد ڪرايو. هن گهر ڪئي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close