اسلام آبادپاڪستان

حڪومت طرفان اسحاق ڊار جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي اپيل

اسلام آباد :وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي سينيٽ ۾ سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ڪالهه اسحاق ڊار جي نااهلي بابت ڪيس جي شنوائي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته حڪومت پارليامينٽ ميمبرن جي حلف جي حوالي سان نئون قانون ٺاهيو آهي. نئين قانون تحت 60 ڏينهن ۾ حلف نه کڻندڙ جي سيٽ خالي سمجهي ويندي. هن ٻڌايو ته ن ليگ جي قانونسازي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي، جيڪا خارج ٿي وئي. هن وقت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ انٽرا ڪورٽ اپيل شنوائي هيٺ آهي. سندس چوڻ هو ته اپيل ۾ ن ليگ جو موقف آهي ته سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ گهڙي گهڙي اسحاق ڊار کي طلب ڪيو پر هو پيش نه ٿيو ۽ ن ليگ به چئي ٿي ته نوٽيفڪيشن معطل ٿيڻ سبب اسحاق ڊار واپس نه پيو اچي، تنهن ڪري ان جي سينيٽ سيٽ خالي قرار ڏني وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪيس کي ايندڙ هفتي شنوائي لاءِ مقرر ڪري ٿا ڇڏيون، پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button