پاڪستانرانديونسنڌ

ڪرونا ڪيسن سبب پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ون ڊي سيريز ملتوي

ڪراچي :پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ون ڊي سيريز ملتوي ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ ون ڊي سيريز ٿيڻي هئي، جيڪا ڪرونا سبب ملتوي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب مهمان ٽيم 21 رانديگرن سان گڏ پاڪستان جي دوري تي آئي هئي، جنهن جا 6 رانديگر ڪرونا جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته هڪ انجريءَ سبب دوري کان ٻاهر ٿي ويو. هوڏانهن ويسٽ انڊيز جي باقي 14 رانديگرن جي ڪرونا ٽيسٽ جو نتيجو ناڪاري آيو آهي پر ذريعن موجب مهمان ٽيم 14 رانديگرن سان ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ تيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button