اسلام آبادپاڪستان

چڙيا گهرن جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي:اسلام آباد ها ڪورٽ

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ جي چڙيا گهرن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاري ڇڏيا. عدالت ناياب بازن جي ايڪسپورٽ جي خلاف داخل ڪيل درخواست تي شنوائي ڪئي، عدالت فالڪنز ايڪسپورٽ روڪڻ واري حڪم ۾ جنوري جي ٻئي هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته راڻي باغ آهن ئي غير قانوني ته انهن ۾ رکڻ لاءِ جانور ڪيئن ٿا گهرائي سگهجن؟ جانور پڃرن ۾ بند رکڻ لاءِ ناهن هوندا، انسانن جي تفريح لاءِ جانورن کي درآمد ڪري قيد ۾نٿو رکي سگهجي. چيف جسٽس چيو ته عدالت راڻي باغن بابت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيڪو عالمي سطح تي حوالو بڻجي چڪو آهي. نيو يارڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي مددگار اسان جي فيصلي جو حوالي ڏئي رهيا آهن. موسمياتي تبديلي واري وزارت ايندڙ شنوائي تي جواب ڏئي ته ان فيصلي بعد راڻي باغن جي قانوني حيثيت ڇا آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي نمائندن جواب ڏنو ته عدالتي فيصلي بعد راڻي باغ موجود رهڻ جي ڪا گنجائش ناهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button