ڄامشورو: ڄامشورو ۾ جي ايم سيد ايڊيفيس ۾ ايس يو پي پارٽي جي سينٽرل ڪاميٽي جو اجلاس ٿي گذريو، اجلاس جي صدارت ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه ڪئي، اجلاس ۾ مرڪزي اڳواڻن سيد زين شاهه، روشن علي ٻرڙو، اعجاز ساميٽو، جگديشن آهوجا، امير آزاد پنهور، خدابخش ٿيٻو، حافظ بخشل سهڙو سوڌو ايس يو پي جي سموري سنڌ جي ضلعي صدرن، سينٽر ايگزيڪٽيو ڪاميٽي ۽ سينٽرل ڪاميٽي جي عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
اجلاس کانپوءِ پارٽي سربراهه سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ايس يو پي اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي مرڪزي صدر ۽ عهديدارن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف 21 ڊسمبر تي سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيا ويندا، 24 ڊسمبر تي پارٽي جي يونٽ کان وٺي ضلعي صدر جي چونڊ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ 10 جنوري تي سن ۾ ايس يو پي جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جي اجلاس جي تياري بابت غور ويچار ڪيو ويو آهي.
ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاهه وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي انتظاميا ونگاري پوليس سان گڏجي ايس يو پي اسٽوڊنٽ فيڊريشن پارٽي جي مرڪزي صدر اسيس لغاري، زيب جتوئي ۽ امر آڪاش لاکو مٿان بغاوت جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا. ان لاۡ ايس يو پي ڪارڪنن پاران 21 ڊسمبر تي سموري سنڌ ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو، ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھه بلدياتي نظام جي نئين آئين بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته نئين مڪاني ايڪٽ ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ادارن جي بهتري نظر اچي ٿي پر ڪجهه شقن تي اعتراض آهي، جن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ بلدياتي نظام تي هلندڙ جهيڙي بابت چيو ته ٻئي پارٽيون چونڊن ويجهو ايندي ئي اهڙي نسلي سياست ڪنديون آهن پر هاڻي سنڌ ۾ نسلي سياست يا جهيڙن جو وقت ناهي ۽ نه ئي سنڌ جي مفاد ۾ آهي، پوءِ اهي چاهي ڪنهن به ڌر وچ ۾ هجن. سيد زين شاھه چيو ته سڪرنڊ اينيمل يونيورسٽي ۾ بنا ڪنهن اشتهار جي ڳجهه ڳوهه ۾ من پسند ماڻهن کي ڀرٿي ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ ڌارين جي يلغار جاري آهي، افغانين سوڌو هزارين ڌارين کي ڪوڙن ڊوميسائيلن تي پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ ڀرتي ڪيو ويو آهي، روشن ٻرڙو ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۽ قتل و غارت جاري آهي، سنڌ پوليس اسٽيٽ بڻجي وئي آهي، غريبن کي انصاف نه پيو ملي.