فريدآباد: فريدآباد ۾ ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر حميد شيخ خلاف ھيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان دادو جي اڳواڻن سڪندر بروھي، پير محمد ڏيرو، محرم رند، شبير احمد ڪرٽيو، بادل ڏيرو، روشن خاصخيلي، ظفر خاصخيلي، علي اصغر بروھي، عبدالستار سيلرو ۽ ٻين 57 ھين ڏينهن به احتجاجي جلوس ڪڍي سٽي گيٽ وٽ ڌرڻو ھنيو ويو.
ان موقعي تي ھنن چيو ته ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر حميد شيخ راشي ڪرپٽ آھي، پنهنجي نجي اسپتال سليمان سينٽر تي سرڪاري دوائون استعمال ڪري غريب مسڪين بي سھارا ماڻھن کان ڳريون فيسون وصول ڪري ڪروڙ پتي بڻجي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر حميد شيخ کي فوري ھٽائي سرڪاري دوائن جي وڪري جي جاچ ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.