ڪراچي: صوبائي وزير يونيورسٽيز ۽ ماحوليات محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته اوگرا حڪومت کي پيٽرول 10 کان 11 روپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، حڪومت کي پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپيا نه پر 15 روپيا تائين في ليٽر گهٽ ڪرڻ گهرجي ها. هن پيٽروليم جي شين ۾ معمولي گهٽتائي تي ردعمل ۾ چيو ته مني بجيٽ کان اڳ پيٽرول 5 روپيا سستو ڪري عوام کي هڪ دفعو ٻيهر بيوقوف بڻايو ويو.
اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول مهنگو ٿيندو آهي ته هتي ٻيڻو اضافو ڪري نالائق وزير حڪومت جا دفاع ڪندا آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول سستو هجي ته وزير پاڪستان ۾ مهانگو پيٽرول ڏيڻ لاءِ “قوم تي ڏکي وقت” جي ڳالهه ڪندا آهن. هي نالائق حڪومت وري سڄي وصولي مني بجيٽ ۾ ٽيڪسز جي ذريعي عوام مان ڪندي.