ڪوئيٽا : حڪومت طرفان مطالبا مڃڻ جي خاطري تي گوادر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان گوادر کي حق ڏيو تحريڪ طرفان هلندڙ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه جماعت اسلامي بلوچستان جي جنرل سيڪريٽري ۽ گوادر تحريڪ جي اڳواڻ مولانا هدايت الرحمان گوادر ۾ ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته حڪومت طرفان مطالبا مڃڻ جي خاطري تي احتجاج ختم ڪري رهيا آهيون. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي مطالبا تسليم ڪري ورتا آهن. اسان جو احتجاج ڪامياب رهيو، اسان عملدرآمد لا معاهدو ڪري ورتو آهي. مولانا چيو ته ڪافي مطالبا مڃيا ويا آهن ۽ ڪجهه تي اڳڀرائي شروع ٿي وئي آهي. سڀ کان وڏو مسئلو ساحلي علائقي ۾ غيرقانوني ماهيگيري جو آهي. هڪ مافيا وڏن ٽرالن سان غيرقانوني مڇي جو شڪار ڪري رهي آهي، ان ڪري مقامي مهاڻا بيروزگار ٿي ويا آهن. حڪومت ڪناري کان 30 ناٽيڪل ميل جي حدن تائين وڏن ٽرالن يا منع ڪيل ڄار وسيلي شڪار ڪرڻ تي پابندي بابت قانونسازي جو واعدو ڪيو آهي. ان حوالي سان بلوچستان فشريز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ويندي. حڪومت غيرقانوني مڇي جي شڪار کي روڪڻ لا پيٽرولنگ ٽيمون جوڙيندي جنهن ۾ هتان جا مقامي مهاڻا به شامل هوندا. واضح رهي ته گوادر ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻو جاري هو، جنهن کانپوءِ وزيراعظم وفاقي وزير اسد عمر ۽ زبيده جلال کي گوادر جو دورو ڪرڻ ۽ معاملو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ ڪالهه اسد عمر ۽ زبيده جلال گوادر پهتا. اسد عمر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايتن تي اسان زبيده جلال ۽ خالد منصور سان گڏ گوادر جو دورو ڪيو ۽ بلوچستان جي وڏي وزير ۽ ان جي ٽيم سان تفصيلي ميٽنگ ۾ گوادر جي سڀني منصوبن جو جائزو ورتو ۽ ڪم کي تيز ڪرڻ جا فيصلا ڪيا ويا. هوڏانهن بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به “گوادر کي حق ڏيو” تحريڪ جي ڌرڻي ۾ پهتو، جتي هن اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون. وڏي وزير ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته غيرقانوني شڪار تي پابندي مڙهي وئي آهي، بلوچستان جي لاڳاپيل کاتن ۽ ڪمشنر مڪران کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته مهاڻن جا سڀ جائز مسئلا آهن. انهن کي بنيادي سهولتون ڏيڻ ۽ ترقي وٺرائڻ حڪومت جي ترجيح ۾ شامل آهي. جڏهن ته صوبائي وزير ظهور بليدي جو چوڻ آهي ته حڪومت مولانا جا سڀ مطالبا تسليم ڪيا آهن ۽ هن ڌرڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close