پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڄام اويس بنا هٿڪڙين جي پيش، وڪيلن جو اعتراض

ڪراچي: ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس کي جڊيشل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ هٿڪڙين بنا پيش ڪيو ويو. ايم پي اي ڄام اويس کي هٿڪڙين بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ تي فريادي جي وڪيلن اعتراض ڪيو، جيل اختيارين چيو ته ايم پي اي کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏني وئي آهي.

فريادي جي وڪيل چيو ته ڪو قانون ئي ناهي ته بي ڪلاس ۾ جوابدار کي هٿڪڙي نه لڳائي وڃي، هٿڪڙي رڳو ٻارن ۽ عورتن کي نٿي لڳائي سگهجي. جاچ آفيسر عدالت ۾ عبوري چالان پيش ڪندي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اڃا تائين وصول ناهي ٿي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي 30 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button