پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ عورت مبينا طور 4 ورهين جي ڌي سميت ٽين ماڙ تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ عورت مبينا طور 4 ورهين جي ڌيءَ سميت آپگهات ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي علائقي منگهي پير ۾ هڪ فليٽ جي ٽين ماڙ تان عورت ۽ سندس معصوم ڌيءَ هيٺ ڪري فوت ٿي ويون. پوليس موجب فور ڪي چورنگي ڀرسان صائمه عربين ولاز جي فليٽ ۾ رهندڙ عورت امڪاني طور اڳ ۾ 4 ورهين جي ڌيءُ کي هيٺ اڇلايو ۽ پوءِ پاڻ به ٽپو ڏئي ڇڏيو، واقعي ۾ عورت ۽ سندس معصوم ڌي فوت ٿي ويون آهن.

عورت جي سڃاڻپ 35 ورهين جي مديحا جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ان جي ڌيءَ جي عمر 4 سال ٻڌائي وئي آهي. پوليس موجب پاڙيسرين طرفان ڪا ڄاڻ ناهي ملي سگهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ ڪرائم سين يونٽ کي طلب ڪيو ويو آهي، پوليس قتل ۽ آپگهات ٻنهي رخن کان واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button