اسلام آباد/اسڪردو:وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته اسان رڳو گلگت بلتستان جي سياحت مان ئي 40 ارب ڊالرز ڪمائي سگهون ٿا. اهو وقت به ايندو جڏهن ماڻهو هتي روزگار ڳولڻ جي لاءِ ايندا. آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڪالهه اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ غربت گهٽ ڪرڻ اسان جو مشن آهي. پٺتي پيل علائقن ۾ ترقي آڻڻي آهي، سڄي گلگت ۾ هڪ ڪٽنب وٽ 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس هوندي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ اسان جي حڪومت اچڻ بعد يو اين ڊي پي جي رپورٽ تحت تيزي سان غربت ختم ٿي. جيستائين غريب مٿي نٿو اچي ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. پاڪستان ۾ امير امير ۽ غريب ويتر غريب ٿي رهيو آهي. اها معاشي ناانصافي آهي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان دنيا جي جابلو علائقن ۾ سڀ کان وڌيڪ خوبصورت آهي. سياحت جو اثاثو بڻجي سگهي ٿو، جتان جي ماڻهن کي ڪٿي به نه وڃڻو پوندو، ماڻهو نوڪرين جي لاءِ هتي ايندا. وزير اعظم وڌيڪ چيو ته ماڻهو پنهنجي زمينن جو خيال رکن، ٻاهر کان ماڻهو هتي اچي زمينون مهانگي اگهه تي خريد ڪندا. اسڪردو ايئرپورٽ ذريعي ٻاهرين ملڪن کان ماڻهو هتي گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ ايندا. سوئٽرز لينڊ 70 ارب ڊالر ڪمائي سگهي ٿو ته اسان ڇو نٿا ڪمائي سگهون؟ اسان رڳو گلگلت بلتستان جي سياحت مان 30 کان 40 ارب ڊالرز ڪمائي سگهون ٿا. ٻئي طرف اي پي ايس سانحي کي 7 سال مڪمل ٿيڻ بعد جاري ڪيل پيغام ۾ وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته وقت ثابت ڪيو ته دهشتگردن جو ڪو به مذهب يا قوم ناهي. اڄ جو ڏينهن پوري قوم کي ڏکوئيندڙ سانحي جي ياد ڏياري ٿو. بزدل شرپسند عنصرن قوم جي مستقبل ٻارڙن تي حملو ڪري انهن کي شهيد ڪيو. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن انهن بهادر استادن جي به ياد ڏياري ٿو، جيڪي شاگردن کي بچائڻ لاءِ دهشتگردن جي آڏو ڀت بڻجي ويا ۽ پنهنجي جانين کي قربان ڪيو. عمران خان چيو ته دهشتگردي جي پٺيان بزدلاڻي سوچ آهي، ناپاڪ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ معصوم ٻارڙن کي شهيد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته آرمي پبلڪ اسڪول جي شهيدن جي قربانيون رائيگان نه وينديون، ان سانحي بعد پاڪستاني قوم جا حوصلا ختم نه پر دهشتگردي خلاف وڌيڪ بلند ٿي ويا، پوري قوم متحد ٿي ۽ اسان نيشنل ايڪشن پلان سان دشمنن کي ڳولي ڳولي نشانو بڻايو. وزير اعظم چيو ته اڄ اهو عهد ڪيو ته پوري قوم متحد رهندي ۽ مذهبي توڙي نسلي تعصب پکيڙيندڙن خلاف گڏجي بيهندي، دنيا ۾ اهڙي ڪا به طاقت ناهي، جيڪا پاڪستان کي نقصان پهچائي سگهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close