لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اعلان ڪيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 23-2022 ۾ ٻه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب نيوزيلينڊ جي ٽيم 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ايندڙ سال ڊسمبر/جنوري 23-2022 ۾ پاڪستان جو پهريون دورو ڪندي. نيوزيلينڊ جي ٽيم اپريل 2023 ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي دوري تي ايندي. ٻئي دوري ۾ مهمان ٽيم 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين مارٽن سينيڊن وچ ۾ دبئي ۾ ٿيل ڳالهين کانپوءِ دوري کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. پهرئين دوري ۾ 2 ٽيسٽ ۽ 3 ون ڊي ميچون شامل آهن، آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ آءِ سي سي مرد ڪرڪيٽ ورلڊڪپ سپر ليگ جو حصو هوندا، جڏهن ته ٻئي دوري ۾ مهمان ٽيم 5 ون ڊي ۽ 5 ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي. ٻئي بورڊ هاڻي دوري جي تاريخن کي حتمي شڪل ڏيندا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته هو مارٽن سينيڊن ۽ سندس بورڊ جو شڪرگذار آهي ۽ هو انهن ملاقاتن جي نتيجي تي تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته اهو اعلان ٻنهي بورڊن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپن جي ضمانت آهي ۽ ان ڳالهه جي تصديق آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ برادري جو هڪ اهم حصو آهي. هوڏانهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيوڊ وائيٽ چيو آهي ته دبئي ۾ رميز راجا ۽ مارٽن سينيڊن ۾ اثرائتيون ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون آهن، جنهن سان ٻنهي بورڊن وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. پاڪستان هاڻي مارچ 2022 کان اپريل 2023 تائين آسٽريليا، انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ خلاف 8 ٽيسٽ ميچن، 11 ون ڊي ۽ 13 ٽي-ٽوئنٽي ميچن جي ميزباني ڪندو.
ياد رهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم 18 سالن کانپوءِ هلندڙ سال 11 سيپٽمبر تي پاڪستان جي دوري تي آئي هئي، جنهن دوران کيس 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏڻي هئي. جڏهن ته دوري جي پهرين ميچ 17 سيپٽمبر تي شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم سيڪيورٽي خدشن جو جواز ڄاڻائي وطن واپس هلي وئي هئي، جنهن کانپوءِ انگلينڊ به پاڪستان جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.