ڪراچي: صوبائي وزير صنعت، واپار ۽ گڏيل امداد ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو آهي ته وفاقي حڪومت پنهنجي نااهلي سان صنعتڪارن کي ملڪ مان ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ جا صنعتڪار تباهي جو شڪار آهن ۽ گيس کي بنا ڪنهن ڪارڻ جي بند ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن.
ماڻهو بيروزگار ٿي رهيا آهن ۽ غربت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته نااهل وفاقي حڪومت معيشت کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. ملڪي معيشت جي شهه رڳ ايڪسپورٽ صنعت نه هئڻ جي ڪري گذريل ٻن مهينن کان بند آهي.
ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته صنعتن کي 8 پائونڊز تي اسڪوائر پريشر گيس کپندي آهي، جڏهن ته ٻن مهينن کان صنعتي سيڪٽر کي اڌ انچ تي اسڪوائر پريشر ملي رهيو آهي. جنهن جي ڪري صنعتون خراب حالي جو شڪار آهن. هن چيو ته صنعتي سيڪٽر روزگار سان گڏ فارين ايڪسچيج پڻ ڏيندو آهي.