اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز ڪي پي جي مڪاني چونڊن ۾ شڪست کي تسليم ڪري ورتو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ۾ تحريڪ انصاف ان ڪري شڪست کاڌي جو پي ٽي آءِ جو مقابلو پي ٽي آءِ سان هو، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته 14 ضلعن ۾ ڪامياب ٿي وڃون ها. هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ ڪارڪنن کي متحرڪ نه ڪري سگهياسين، ايندڙ چونڊن ۾ حڪمت عملي تبديل ڪنداسين ۽ پارٽي جا ضابطا ٺاهينداسين. ٻئي پاسي ڪي پي جي صحت واري صوبائي وزير شوڪت يوسفزئي مڪاني چونڊن ۾ شڪست جو سبب مهانگائي کي قرار ڏئي ڇڏيو. هن چيو ته اسان سٺا اميدوار بيهاريا هئا پر هارائڻ جو سبب مهانگائي آهي ۽ اسان تي ايزي لوڊ يا ڪرپشن جو الزام ناهي لڳو. سندس چوڻ هو ته غلطيون درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻئي مرحلي ۾ نتيجا پهرئين مرحلي کان مختلف هوندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close