اسلام آبادپاڪستانخيبرپختونخوا

شوڪت ترين پختونخوا مان تحريڪ انصاف جو سينيٽر چونڊجي ويو

پشاور: ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخوا مان تحريڪ انصاف جو سينيٽر چونڊجي ويو. چونڊ جي لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي، جنهن دوران شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو. ڪي پي جي صحت واري وزير تيمور جهگڙا موجب سينيٽ جي خالي سيٽ جي لاءِ پولنگ دوران 4 ووٽ رد ٿيا ۽ 4 ميمبرز ڪنهن سبب جي ڪري ووٽ ڏيڻ نه آيا. تحريڪ انصاف جي ايوب آفريدي کي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏياري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار سان اي اين پي جو شوڪت امير زادا، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه مقابلي ۾ بيٺل هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button