پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ همراهه زال کي گولي هڻي ڇڏي

ٽنڊو جان محمد: (ن، سنڌ ايڪسپريس) ٽنڊو جان محمد جي وارڊ نمبر 6 ريلوي اسٽيشن ڪالوني جي رهواسي بابر علي پٽ سردار آرائين گھرو اڻبڻت تان پنهنجي 30 ورهين جي زال ٽن ٻارن جي ما آصفه ڌي معروف آرائين کي گولي هڻي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر گولي عورت کي ڄنگھه ۾ لڳي، زخمي عورت کي رورل هيلٿ سينٽر آندو ويو، جتان کيس طبي امداد ڏيڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف زخمي عورت جي پي المعروف آرائۂين جي فرياد تي پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار بابر آرائين کي پسٽل سميت حراست ۾ وٺي لاڪپ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button