پاڪستانسنڌ

ٽنڊوآدم وچ شهر ۾ ما، ڌي ۽ ٻارن تي تشدد، 4 ڄڻا گرفتار

ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم ۾ ايم اي جناح روڊ تي جوابدار مبينا طور شادي لاءِ خريد ڪيل ناري 26 سالن جي سميرا ۽ سندس والده فرزانه زال عبدالستار شاهھ کي شاپنگ لاءِ شھر ۾ آندو ته عورتن شاپنگ ڪرڻ بدران ساڻس گڏ ھلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن تان گھوٽ بڻيل ڄام نواز علي جي ڳوٺ مڱراڙي جي رھواسي نثار چانڊيو ۽ سندس مائٽن عورتن کي زوري کنڀي ڪار ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انڪار تي وچ شھر ۾ تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب عورتن جا ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ برقعا لهي ويا، جوابدار عورتن ۽ ساڻن گڏ آيل ٻارڙن کي گهليندا رهيا، جنهن دوران ٽرئفڪ جام ٿي وئي. اطلاع ملڻ تي سٽي ٿاڻي جي پوليس پهچي ما ۽ ڌي کي بچائي گهوٽ نثار چانڊئي سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي آندو، جتي پاڻ کي گهوٽ ظاهر ڪندڙ نثار چانڊيو ٻڌايو ته مدد علي بروهي سان سميرا جو رشتو اڍائي لکن ۾ خريد ڪيو ۽ نڪاح حيدرآباد ۾ ٿيو، آئون زال کي رخصتي ڪرائي ڳوٺ وٺي آيس، جتي رات رهياسين ۽ ٻئي ڏينهن ٽنڊي آدم ۾ خريداري لا آياسين ته زال سميرا جي ما فرزانه هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته حيدرآباد فوتگي ٿي آھي، اوڏانهن وينديوسين، هاڻي ڊرامون پيون ڪن. جڏهن ته سميرا جي ما فرزانه ٻڌايو ته منهنجي ڌي طلاق يافتا آھي، جنهن جي شادي لا رشتي واري کي چيو، جيڪا رشتو ڏيکارڻ ھتي وٺي آئي ۽ رات اسان کي ڳوٺ ۾ رهايو، اسان کي رشتو پسند نه آيو، هي اسان کي شاپنگ جو چئي شھر وٺي آيا، اسان حيدرآباد وڃڻ جو چيو ته هنن تشدد ڪيو ۽ ڪپڙا ڦاڙي گهليو، اسان شادي ناهي ڪئي، نه پئسا ورتا آھن، جوابدار الزام ٿا هڻن. عورتون ٿاڻي اندر روئنديون ۽ پاراتا ڏينديون رهيون. واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو، نه ئي گهوٽ نڪاح نامو پيش ڪري سگهيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button