اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاريو غلام شاهھ ۾ 23 ورھين جي نوجوان ڪيلاش ولد پرڀو ميگھواڙ ڳوٺ ڀرسان جھنگ ۾ ڄار جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي ڇڏئ. اطلاع ملندي ئٔي جھانگرو ٿاڻي جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کڻائيي اسلام ڪوٽ اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ھوڏانھن پوليس ۽ فوتي نوجوان جي وارثن موجب فوتي ذهني مريض ھو، کيس ڪڏھن ڪڏھن مرگھي جا دورا پڻ پوندا ھئٔا. ياد رھي ته ٿرپارڪر ۾ خودڪشيـن جي واقعن ۾ ڏينھون ڏينھن اضافو ٿيندو پيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close