ڪراچي: سنڌ جي بلديات، ڳوٺاڻي ترقي ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهھ ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي ماتحت کاتن جي ترقياتي اسڪيمن جي باري ۾ ڳالهائيندي ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جي حڪمن تي کاتيدار پروگريس جي حوالي سان پريس بريفنگ جي لاءِ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھه صوبي جي سمورن وزيرن کي هدايتون ڏنيون آهن.
هن چيو ته بلديات سرٽيفڪيٽن کي جاري ڪرڻ جو نظام نادرا جي حوالي ڪيو ويو آهي. ميگا ترقياتي اسڪيمون ڪراچي ۾ سڀني کان وڌيڪ آهن. ان سان گڏوگڏ لاڙڪاڻي، حيدرآباد، شهيد بينظيرآباد ۽ ٻين ڊويزنن ۾ به ترقياتي اسڪيمون هلي رهيون آهن. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون مڪمل ڪيون آهن ۽ انفرااسٽرڪچر بهتر ڪيو آهي. سڀني کان وڌيڪ انڊر پاسز ۽ اوورهيڊ برجز ڪراچي ۾ تعمير ڪيا ويا آهن. واٽربورڊ جي 70 سال پراڻي پمپنگ اسٽيشنز کي بهتر ڪيو ويو آهي. ايم ڊي اي ۽ ايل ڊي اي اسڪيمن ۾ بهتري آندي وئي آهي.
انهن ادارن جي انتظام هيٺ علائقن ۾ يوٽيلٽيز پهچايون ويون آهن. پاڻي، سيوريج، انفرااسٽرڪچر، گيس ۽ بجلي جي لائنن تي ڪم جاري آهي. صوبي جي شهرن ۾ شهر خاموشان جي نالي سان اٿارٽي بڻائي وئي آهي. جيڪا قبرستانن جي لاءِ جاءِ مختص هوندي. هن چيو ته سول سوسائٽي به سنڌ حڪومت جي اسڪيمن ۾ ڪافي سهڪار ڪيو آهي. جنهن لاءِ اسين سندن ٿورائتا آهيون. هن چيو ته حيدرآباد جي ڪجھه پلن تي عدالتي معاملن جي ڪري ڪم رڪيل آهي، انهن کي به شروع ڪرايو ويندو. سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به ترقياتي ڪم ڪري رهيا آهيون، بلدياتي قانون ۾ بهتري آندي وئي آهي ۽ نئين بلدياتي قانون ۾ 2013 جي مقابلي ۾ ڪافي بهتري آندي وئي آهي، هن چيو ته غيرقانوني تعميرات کي روڪڻ جي لاءِ ضلعي بنيادن تي ڪميٽيون بڻايون ويون آهن. جن ۾ بلدياتي نمائندن سان گڏوگڏ ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر شامل آهن.
غيرقانوني تعميرات کي روڪڻ جي لاءِ ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪري رهيا آهيون. وڏن نالن تي قبضن جي خاتمي ۾ عدالتي حڪمن جي روشني ۾ ڪامياب آپريشن ٿيو. بلدياتي ادارن جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ جي شڪايت هئي، ان جي بهتري جي لاءِ سنڌ حڪومت انهن کي بااختيار بڻائڻ اُپا ورتا آهن. بلدياتي چونڊون اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، سنڌ حڪومت بلدياتي چونڊن جي لاءِ مڪمل تيار آهي. سنڌ حڪومت برساتي پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيم بڻايا آهن، گذريل اليڪشن جي مقابلي ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواھه ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽ وڌيو آهي. عوام چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن کي پسند ڪري ٿو. اپوزيشن جي جماعتن سان مشاورتي عمل جاري آهي، پوليس ۽ ٻين صوبائي ادارن ۾ بلدياتي نمائندن کي بااختيار بڻايو آهي. هن چيو ته قبضن کي هٽائڻ وقت اتي رهندڙ آبادي جو خيال ڪيو ويندو. هن چيو ته شيرشاھه ڌماڪي جي جاچ جاري آهي پورٽ اچڻ تي ميڊيا سان شيئر ڪئي ويندي.