پاڪستانسنڌ

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ عبوري چالان ۾ اعتراض بابت درخواست تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ملير جي مقامي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ عبوري چالان ۾ اعتراص بابت درخواست تي ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو. ڪالهه ڪراچي جي ملير ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پوليس جي عبوري چالان تي اعتراضن بابت درخواست تي شنوائي ٿي. ڪيس جي مدعي جي وڪيل چالان جي اعتراض تي دليل مڪمل ڪري ورتا. مدعي جي وڪيل موقف ڏنو ته چالان ۾ نقص آهي، جاچ آفيسر جوابدارن کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، عبوري چالان ۾ ضمانت تي آزاد پنجن جوابدارن جا نالا داخل نه ڪيا ويا آهن.

ضمانت تي آزاد جوابدارن کي مڪمل فائدو ڏيڻ جي ڪوشش آهي، جوابدار زاهد کي بي ڏوهي قرار ڏيڻ جاچ آفيسر جي بدنيتي ظاهر ڪري ٿي، جاچ آفيسر بي ڏوهي قرار جوابدار کي گرفتار ڪيو نه ئي جاچ ڪئي. بيگناهه ڪيئن قرار ڏنو، ضمانت تي آزاد جوابدارن کي شاهدن جي بيانن مطابق ان جو ڪردار ظاهر ڪيو وڃي، جاچ آفيسر روپوش صورت شناس گارڊز ۽ پرڏيهي ٻن جوابدارن جا نالا داخل نه ڪيا آهن. پوليس پرڏيهي جوابدارن جي گاڏي هٿ ڪئي پر جوابدارن جا نالا ڳجها ڇو رکيا. ايف ائي اي کان پرڏيهي جوابدارن جو رڪارڊ گهرايو وڃي، چالان ۾ قتل جي ڌمڪي، گارگند ۽ ڄاڻ لڪائڻ جا قلم داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوط ڪري ورتو.

پيش ڪيل عبوري چالان ۾ چيو ويو هو ته ڪيس ۾ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم کي روپوش قرار ڏنو ويو آهي. پوليس ٻن نامعلوم پرڏيهين کي به روپوش قرار ڏنو آهي، نياز سالار، احمد شورو، عطا محمد ۽ ٻيا چار نامعلوم گارڊ به روپوش قرار ڏنا ويا، ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس سميت 6 جوابدار گرفتار آهن. پوليس ڪيس ۾ اغوا، ثبوت لڪائڻ ۽ ڏوهه جي پلاننگ جا قلم شامل ڪيا، فائنل پوسٽ مارٽم جي رپورٽ، هيسٽو پيٿالوجي رپورٽ، ڊي وي آر ۽ موبائيل فون جي فارنزڪ رپورٽ اڃا تائين نه ملي سگهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button