پشاور: خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي ڪيترين ئي جاين تي اپ سيٽ شڪست ٿي آهي، تحريڪ انصاف کي ميئرز جي چونڊ ۾ اپ سيٽ شڪست ٿي آهي جڏهن ته تعلقي ڪائونسلز جي چونڊن ۾ پڻ جي يو آءِ سڀني کان اڳتي آهي. رپورٽ مطابق خيبرپختونخوا جي مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ 61 تعلقي ڪائونسلز ۽ 5 سٽي ڪائونسلز لاءِ چونڊون ٿيڻيون هيون پر بڪاخيل تعلقي ڪائونسل ۽ ڊيره اسماعيل خان سٽي جي چونڊ نه ٿي سگهي.
خيبر پختونخوا جي مڪاني چونڊن ۾ 5 سٽي ميئرز لاءِ پولنگ ٿيڻي هئي پر سٽي ڪائونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي ميئر جي اميدوار جي قتل سبب پولنگ ملتوي ڪئي وئي هئي ۽ 4 سٽي ڪائونسلز مردان، پشاور، ڪوهاٽ ۽ بنون ۾ سٽي ميئر لاءِ پولنگ ٿي جتي تحريڪ انصاف جو ڪو به اميدوار ڪامياب نه ٿي سگهيو. غير سرڪاري نتيجن مطابق مردان ۾ اي اين پي جو حمايت الله مايار 56 هزار 458 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جي يو آءِ جو امانت شاهه حقاني 49 هزار 938 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو.
ڪوهاٽ ۾ جي يو آ جو شير زمان به 34434 ووٽ کڻي ميئر جي چونڊ کٽي ويو، آزاد اميدوار سيف الله جان 25 هزار 793 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. پشاور ۾ سٽي ميئر جو ميدان به جي يو آ ماري ورتو. جتي زبير علي 62388 ووٽ کڻي ناقابل شڪست سرسي حاصل ڪري ورتي. پشاور سٽي ڪائونسل جي 521 مان 515 پولنگن جو نتيجو جاري ڪيو ويو آهي، 6 پولنگ جو نتيجو روڪيو ويو آهي. تحريڪ انصاف جو اميدوار محمد رضوان بنگش 50659 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. بنون ميئر لا جي يو آ جو اميدوار عرفان الله دراني 27500 ووٽ کڻي اڳيان آهي جڏهن ته تحريڪ انصاف جو اقبال جدون خان 22800 ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. خيبرپختونخوا ۾ 61 تعلقي ڪائونسلز جون چونڊون ٿيڻيون هيون پر بڪا خيل تعلقي ۾ پولنگ نه ٿي جڏهن ته وڌيڪ ٻن تعلقن جا نتيجا روڪيا ويا آهن ۽ هن مهل تائين مجموعي طور تي 58 تعلقي ڪائسونسلن مان 43 تعلقي ڪائونسلن جا نتيجا سامهون اچي چڪا آهن. جن مان 13 سيٽن تي جي يو آ جا اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، حڪمران تحريڪ انصاف جي اميدوارن 10 سيٽون کٽڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. جڏهن ته تعلقي ڪائونسلن جي چيئرمينن جي سيٽن تي 8 آزاد اميدوار به ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. چيئرمين تعلقي ڪائونسلن جي اليڪشن ۾ اي اين پي 6، ن ليگ جا 3، جماعت اسلامي جا 2، تحريڪ استقلال پاڪستان جو هڪ چيئرمين چونڊجي آيو آهي.