اسلام آباد: قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ياسر شاهه خلاف 14 ورهين جي ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ ۽ زيادتي ۾ مدد جي الزام تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد جي شاليمار ٿاڻي ۾ ڇوڪريءَ جي ماسيءَ جي درخواست تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آءِ آر جي متن موجب ياسر شاهه جي دوست فرحان گن پوائنٽ تي زيادتي ڪئي، وڊيو به ٺاهي ۽ هراسان ڪيو. عورت وڌيڪ چيو ته فرحان ۽ ياسر شاهه ڌمڪي ڏني ته ڪنهن کي ٻڌائڻ جي صورت ۾ وڊيو وائرل ڪئي ويندي ۽ ماري ڇڏينداسين، ياسر شاهه چيو ته هو انٽرنيشنل ڪرڪيٽر آهي، دانهڻ جي صورت ۾ ڪيس ۾ ڦاسائي ڇڏيندو. ايف آ آر مطابق عورت الزام هنيو ته واٽس ايپ تي جڏهن هن ياسر شاهه کي جيڪو ان وقت ويسٽ انڊيز جي دوري تي سموري معاملي جو ٻڌايو ته هن ٺٺول ڪئي، ۽ چيو ته مون کي ننڍڙي ڄمار واريون ڇوڪريون پسند آهن، مان سندس فرحان سان شادي ڪرائي ڇڏيان ٿو جنهن سان اسان ٻنهي جو ڪم هلندو رهندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close