لاهور:مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز خيبر پختونخوا ۾ حڪمران تحريڪ انصاف پارٽي جي مڪاني چونڊن جي ناڪامي تي چيو آهي ته تبديلي اچي نه پئي پر بدنامي ۽ ڪروڙين بددعائون وٺي واپس وڃي رهي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ طنز ڪندي مريم نواز چيو ته تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي ۽ اها تبديلي مايوسي، بدنامي ۽ ڪروڙين پَٽون کڻي پئي وڃي. هن چيو ته 22 ڪروڙ عوام جي ملڪ کي مهانگائي، لاقانونيت، نالائقي ۽ نااهلي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي ۽ هر شعبي ۾ تاريخي ناڪامي جي نه ڊهندڙ چُٽا پنهنجي نِرڙ تي سجائي تبديلي وڃي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close