قمبر ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس عملدارن جي بدلي لاءِ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي طرفان ڪرڪيٽ گرائونڊ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ڀٽو چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، اڳواڻن سيد اخلاق شاھه، ذوالفقار شاهه، محمد ٻرڙو، سراج چانڊيو، محمد جان بروهي، اياز ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر ۾ امن جو پکي اڏامي ويو آهي، شهر جي مين روڊن تي قائم هنڊا شوروم جي دڪان جا گذريل رات تالا ٽوڙي قيمتي سامان ۽ رقم چوري ڪئي وئي، پوليس چورن اڳيان بيوس بڻيل آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺندي شهر ۾ اهل آفيسر مقرر ڪري امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close